سچل سرمست 4

سچل سرمست 4

سچل سرمست 4

سچل سرمست (ڪتاب): هيءُ اردو ڪتاب سنڌ جي نامور اديب ۽ صحافي رشيد احمد لاشاريءَ جي سچل سرمست متعلق تحقيق تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي سوانح حيات، دور ۽ حالتن، شجره نسب سميت ذاتي زندگيءَ کان ويندي وقت جي اوليائن ۽ صوفي بزرگن سان ميل ملاقاتن جي ذڪر ۽ سچل سرمست جي منتخب سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام جو ترجمو شامل آهي.
ڪتاب ۾ حضرت سچل سرمست جي خيالي تصوير کانسواءِ مخدوم طالب المولى، قاضي علي اڪبر درازي ۽ رشيد احمد لاشاريءَ جون تصويرون به ڏنل آهن. ڪتاب جو انتساب مخدوم طالب المولى جي نالي ڪيل آهي.
ڪرائون سائيز جي 384 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سلطان اينڊ سنز ناشران و تاجران ڪتب، ڪراچيءَ پاران 1966ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو